چاچڙ علي مردان خان

چاچڙ، علي مردان خان: سردار علي مردان خان 1901ع ڌاري تعلقي پني عاقل سردار خان '>حاجي خان (اول) جي گهر جنم ورتو. پنهنجي والد جيان منصف ۽ امين ٿي گذريو آهي، جنهن وٽ روزانو ڪيترائي فيصلا ٿيندا هئا، فيصلن ۾ مشير وغيره نه وٺندو هو. سيد فخر الدين شاهه جي مشهور مدرسي گهوٽڪيءَ مان فارسيءَ ۽ عربيءَ جي تعليم ورتائين. صوفي شاعر غمدل فقير سندس هم درس هو. ورهاڱي کان اڳ سردار علي مردان چاچڙ ڪانگريس جو ميمبر هو. ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي 1937ع، 1942ع ۽ 1946ع وارين چونڊن ۾ بيٺو. مسجد منزل گاهه ۽ ڀڳت ڪنور رام واري واقعي بعد ٿيل شورش ۾ هن ضلعي ۾ امن امان لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس انهن ڪوششن تي وائسراءِ هند ايٽ شملا، سيپٽمبر 1939ع ۾ کيس آفرين نامو ۽ اوارڊ ڏنو، اهڙيءَ طرح گورنر سنڌ پاران کيس جنوري 1941ع ۾ اوارڊ ۽ لونگي اعزاز طور ڏني وئي، سردار علي مردان ٻي مهاڀاري جنگ ۾ انگريزن جي هر طرح مدد ڪئي جنهن تي پڻ کيس انگريز سرڪار آفرين نامو پيش ڪيو. سندس وفات 1992ع ۾ ٿي. سندس فرزند حاجي خان چاچڙ کي سرداري پڳ ملي، جيڪو هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو رهنما ۽ سنڌ جي وزير اعليٰ جو صلاحڪار پڻ آهي. (وڌيڪ ڏسو: چاچڙ، حاجي خان- جلد چوٿون)


هن صفحي کي شيئر ڪريو